New 30000 vacancies in Sindh Education department
New 30000 vacancies in Sindh Education department:
High court Sindh ordered to complete recruitment process within 6 months.
Sindh government to recruit new teachers in Sindh Education department.https://www.testtiari.com/2024/01/earn-one-thousand-in-one-minute-online.html
ڪراچي (29 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته هو ٻين شعبن سان گڏوگڏ اسڪول ايجوڪيشن کي بهتر بڻائڻ کي اوليت ڏئي رهيا آهن.
Exciting News for Sindh Education Sector: 30,000 New Vacancies to be Announced!
Details: Breaking news for education job aspirants in Sindh! The provincial government is set to announce 30,000 new vacancies for PST, JEST, ECT, and Sindhi teachers after the budget. Stay tuned for updates!
_Keywords:_ Sindh Education, Teacher Jobs, PST Vacancies, JEST Vacancies, ECT Vacancies, Sindhi Teacher Vacancies, Education Sector News
Great news for education job aspirants in Sindh! The provincial government has announced plans to recruit 30,000 new teachers for various positions, including PST, JEST, ECT, and Sindhi teachers. This massive recruitment drive is set to take place after the budget, and we can't wait to share more updates with you!
This move is expected to boost the education sector in Sindh, providing more opportunities for students to receive quality education. We will keep you posted on the application process, eligibility criteria, and other important details as soon as they are announced.
Stay tuned for more updates, and get ready to apply for these exciting opportunities!
اسان ڪلاس روم ۾ سکيا واري ماحول کي بهتر بڻائيندي استاد جي بهترين تربيت ڪريون پيا ته جيئن هڪ سٺو تعليم يافته نئون نسل پيدا ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، ڊائريڪٽر ايڇ آر اسڪول ايجوڪيشن ڪشور ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه ٻڌايو ته 4327 اسڪولن مان 19808 اسڪولن کي تازي ٻوڏ سبب نقصان پهتو آهي پر اسان عارضي انتظامن تحت ڪلاسن کي هلائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته انهن اسڪولن جي عمارتن جي جلد کان جلد مرمت ڪرائي وڃي. ان تي وڏي وزير چيو ته ڊونر ايجنسين ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ايندڙ مالي سال دوران سمورن تباهه ٿيل اسڪولن جي بحاليءَ جو ڪم ڪيو ويندو. سيد سردار شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي اسڪولن ۾ استادن جي حاضري کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته استادن جي تدريس ۽ ڪميونيڪيشن اسڪلز کي بهترين تربيت ذريعي مضبوط ڪيو وڃي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته تعليم کاتو استادن جي تربيت کي مضبوط ڪري. مراد علي شاهه استادن جي چونڊ خالصتاً ميرٽ تي ڏيڻ کي ساراهيو. هن تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته استاد جي مقرري کان وٺي ٽرانسفر/پوسٽنگ، ٽريننگ ۽ پروموشن تائين مڪمل ڊيٽا تيار ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو وڃي. محنتي استادن کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ مضبوط ٽريڪ رڪارڊ هجڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته پري پرائمري کان پرائمري ۽ پوءِ سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري تائين جي شاگردن جو ڊيٽا بي فارم جي بنياد تي تيار ڪيو وڃي ته جيئن انهن جو مڪمل رڪارڊ رکي سگهجي. هن چيو ته اسڪول ويندڙ ۽ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو ڊيٽا درست ناهي تنهنڪري اسان وٽ صحيح ڊيٽا هجڻ گهرجي ته جيئن اسڪول ڇڏيندڙ کي روڪي سگهجي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ مختلف گريڊن ۽ ڪيڊرن جي استادن جون 30 هزار پوسٽون خالي آهن. ان تي وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته هو کيس سفارشون موڪلي ته جيئن ايندڙ بجيٽ ۾ خالي جايون پيدا ڪري سگهجن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاءِ اسڪولن ۾ اڳ ئي قائم ڪيل سائنس ليبز، لائبريرين ۽ ورڪشاپس کي اپ گريڊ ڪيو ويندو ۽ ڊي اي اوز انهن جو باقاعده معائنو ڪندا. وڏي وزير چيو ته اپ گريڊ ٿيل اسڪولن (پرائمري کان ايليمينٽري) کي سائنس ليب، لائبريري ۽ ورڪشاپ جون پڻ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته ان جي نئين سمري پيش ڪئي وڃي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
Comments
Post a Comment